علي مير شاهه

علي مير شاهه

علي مير شاهه

علي مير شاهه: مشھور سياستدان، شاهه لطيف جو پارکو ۽ جماعت اسلاميءَ جو اڳواڻ سيد علي مير شاهه، 10 آڪٽوبر 1934ع تي ڪڙئي گهنور ويجهو، ڳوٺ جوڻا، ضلعي بدين ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪئي. ان کان پوءِ هُو سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾، الازھر يونيورسٽي مصر جي فارغ التحصيل استاد علامه عبدالعزيز ميمني جو شاگرد ٿيو. سنڌ مدرسي جي تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ جامعه عربيه اسلاميه هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ عربيءَ جو استاد مقرر ٿيو. پاڻ عربي ۽ فارسيءَ جو وڏو ماهر، تاريخ ۽ لطيفيات جو وڏو پارکو هو. جماعت اسلامي جي اڳواڻن مولانا مودودي ۽ مولانا جان محمد عباسيءَ سان گهڻي قربت سبب جماعت اسلاميءَ سان سندس مضبوط تعلق رهيو. 1980ع ڌاري جماعت اسلاميءَ جي پليٽ فارم تان گولاڙچيءَ واري صوبائي تڪ تي چونڊ پڻ وڙهيو. 2003ع ۾، سنڌ جي آبپاشي کاتي جو وزير مقرر ٿيو. آبپاشيءَ جي وزير ۽ هڪ آبادگار جي حيثيت ۾ هن ڪالاباغ ڊيم جي سخت مخالفت ڪئي. هو لطيف جي ڪلام جو پارکو ۽ شارح رهيو. لطيف آباد حيدرآباد واري سندس بنگلي تي، هر مھيني، قرآن مجيد جو درس ڏيندو هو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’سيرت صحابه‘ (3 جلد)، ’ڪليله و دمنھ‘ (سنڌي ترجمو)، ’شاهه جون سورميون‘ (لطيفيات)، ’حسن ۽ حسين‘ (زندگي ۽ حالات)، ’ڏاهپ جا ڏس‘ ۽ منصور بن حلاج شامل آهن. آبادگار رسالي جو ڪيترائي سال چيف ايڊيٽر ٿي رهيو، جنھن ۾ زراعت، تاريخ، آبپاشي ۽ اسلامي تاريخ بابت سندس ڪيترائي تحقيقي مضمون ڇپيل آهن. 28 ڊسمبر 2022ع تي، فالج سبب ڊگهي علالت کانپوءِ ڪراچي ۾ وفات ڪئي ۽ ڳوٺ ۾ تدفين ڪئي وئي..


لفظ علي مير شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.10.10  عيسوي

مشھور سياستدان، شاهه لطيف جو پارکو ۽ جماعت اسلاميءَ جو اڳواڻ سيد علي مير شاهه، 10 آڪٽوبر 1934ع تي ڪڙئي گهنور ويجهو، ڳوٺ جوڻا، ضلعي بدين ۾ پيدا ٿيو.


2022.12.28  عيسوي

علي مير شاهه 28 ڊسمبر 2022ع تي، فالج سبب ڊگهي علالت کانپوءِ ڪراچي ۾ وفات ڪئي ۽ ڳوٺ ۾ تدفين ڪئي وئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد لال شاهه
ڇتراڻي محمد امين
سيد خير شاهه
پيريڪلس
ارباب الهجڙيو
پرڌان روپچند ڊاڪٽر
ٽلو خان سپهه سالار
سهائي ابڙو
سڳالچند مڪواڻو
شاهنواز خان ٽالپر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون